اسلام ۾ حلال و حرام

اسلام ۾ حلال و حرام

اسلام ۾ حلال و حرام

اسلام ۾ حلال و حرام (ڪتاب): هي ڪتاب اصل ۾ عرب جي مشهور مجتهد ۽ مفڪر علامه يوسف القرضاويءَ جي مشهور تصنيف آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ عبدالجبار عبد ترجمو ڪيو آهي، جيڪو مئي 2001ع ۾ سنڌ نيشنل اڪيڊمي حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به آهي، جو هن مان پتو پوي ٿو ته زندگيءَ جي هر شعبي ۽ معاملي ۾ حلال ۽ حرام ڇا آهي؟ يعني اهي ڪهڙيون شيون آهن، جيڪي الله تعاليٰ جي رضامنديءَ جو سبب آهن ۽ اهي ڪهڙيون شيون آهن، جيڪي سندس ناراضگيءَ ۽ عتاب جو ڪارڻ بڻجن ٿيون، ڪتاب جو ترجمو سنڌي زبان ۾ ڪيو ويو آهي، ڪتاب ۾ فهرست نه ڏني وئي آهي. 408 صفحن تي مشتمل رنگين ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. (ڪتاب): هي ڪتاب اصل ۾ عرب جي مشهور مجتهد ۽ مفڪر علامه يوسف القرضاويءَ جي مشهور تصنيف آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ عبدالجبار عبد ترجمو ڪيو آهي، جيڪو مئي 2001ع ۾ سنڌ نيشنل اڪيڊمي حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به آهي، جو هن مان پتو پوي ٿو ته زندگيءَ جي هر شعبي ۽ معاملي ۾ حلال ۽ حرام ڇا آهي؟ يعني اهي ڪهڙيون شيون آهن، جيڪي الله تعاليٰ جي رضامنديءَ جو سبب آهن ۽ اهي ڪهڙيون شيون آهن، جيڪي سندس ناراضگيءَ ۽ عتاب جو ڪارڻ بڻجن ٿيون، ڪتاب جو ترجمو سنڌي زبان ۾ ڪيو ويو آهي، ڪتاب ۾ فهرست نه ڏني وئي آهي. 408 صفحن تي مشتمل رنگين ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو